تازه ترين

آمريڪا چين تي ڏهه سيڪڙو ٽيرف گهٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
آمريڪا چين تي ڏهه سيڪڙو ٽيرف گهٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڏکڻ ڪوريا جي شهر بوسان ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ چيني صدر شي جن پنگ وچ ۾ ملاقات ٿي. پرڏيهي ميڊيا موجب، آمريڪي صدر چيني هم منصب سان ملاقات کانپوءِ چين تي ٽيرف ۾ ڏهه سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪيو. آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته چين تي ٽيرف 57 سيڪڙو مان گهٽ ٿي ڪري 47 سيڪڙو ٿي ويندي جيڪا فوري طور لاڳو هوندي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته چيني صدر سان ملاقات تمام سٺي رهي، صدر شي جن پنگ سان ملاقات ۾ ڪيترائي فيصلا ڪيا ويا. آمريڪي صدر چيو ته سويابين جي خريداري فوري طور تي شروع ٿي ويندي ۽ ناياب معدنيات جي معاملن ۾ وڌيڪ رنڊڪون نه آهن. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايندڙ سال اپريل ۾ هو چين جو دورو ڪندو ۽ سندس دوري کانپوءِ چيني صدر آمريڪا ايندو جڏهن ته هو چيني هم منصب سان يوڪرين معاملي بابت گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. چيني صدر شي جن پنگ جو چوڻ آهي ته چين ۽ آمريڪا کي هڪ ٻئي جو دوست هئڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن جي واپاري ٽيمن ۾ بنيادي نڪتن تي اتفاق ٿي چڪو آهي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
29 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون