تازه ترين

صدر ۽ وزيراعظم فتنه الهندستان جا 18 دهشتگرد مارڻ کي سڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف فتنه الهندستان خلاف ٻن ڌار ڌار ڪامياب ڪاررواين تي سڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪندي فتنه الهندستان جا 18 دهشتگرد مارڻ کي سڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي قرار ڏئي ڇڏيو. جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چلتن ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي دوران 14 ڀارتي سرپرستي يافته دهشتگردن جي مارجڻ کي سڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو. هن ڪيچ جي علائقي بليده ۾ دهشتگردن جي ٿاڪ تي آپريشن ۾ چئن دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ تي سڪيورٽي فورسز جي جرئت ۽ بهادري کي ساراهيو. صدر مملڪت چيو ته سڪيورٽي فورسز طرفان علائقي جي ڪليئرنس دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ثبوت آهي. آصف علي زرداري چيو ته سڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عزم استحڪام تحٽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن. جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڄي قوم سڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. سندس چوڻ هو ته هو سڪيورٽي فورسز جي عزم ۽ حوصلي کي سلام پيش ڪن ٿا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
29 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون