تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آمريڪا ۽ برطانيا وچ ۾ جلد هڪ عظيم واپاري معاهدو ٿيندو : ڊونلڊ ٽرمپ

- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ امڪان ظاهر ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ برطانيا وچ ۾ جلد هڪ عظيم واپاري معاهدو ٿيندو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر سان وائيٽ هائوس ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ يوڪرين جنگ، نيٽو جي مڪستقبل، واپار ۽ ٽيرف بابت معاملن تي ٻولهه بولهه ٿي.، وائيٽ هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ ٽرمپ سر ڪيئر اسٽارمر کي اسپيشل شخص قرار ڏنو، جڏهن ته سر ڪيئر اسٽارمر بادشاهه چارلس طرفان آمريڪي صدر ٽرمپ کي سرڪاري سطح تي برطانيا جي دوري جو دعوتنامو به ڏنو. ان موقعي تي آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته شاهه چارلس جي برطانيا جي دوري جي دعوت قبول ڪئي آهي، آمريڪا ۽ برطانيا وچ ۾ جلد هڪ عظيم واپاري معاهدو ٿيندو. ٽرمپ چيو ته ورس ي9وڪرين جنگ جو جلد خاتمڪو چاهي ٿو، يوڪرين سسان معدنيات جو معاهدو روس خلاف ڪيف جي سلامتي جي ضمانت آهي، يوڪرين جنتگ بندي معاهدو سڀني لاءِ مفاد ۾ آهي. آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته يوڪرين جنگ بندي جون ڪوششون تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيون آهن، روس جنگ بندي معاهدو اڃا نه ٿيو ته پوءِ ڪڏهن نٿو ٿي سگهي، جيڪڏهن آئون ان وقت آمريڪي صدر هجان ها ته روس يوڪرين جنگ نه ٿئي ها. ٻئي طرف برطانوي وزيراعظم سير ڪيئر اسٽارمر چيو ته آمريڪا ۽ برطانيا وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، آمريڪي صدر جون امن بابت ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، روس يوڪرين جنگ بندي جي ڪوششن ۾ آمريڪا سان گڏ آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
13 %
2.3kmh
4 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون