- Advertisement -
رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس پشاور ۾ ٿي رهيو آهي.
چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس شام ساڍي ڇهين وڳي ٿيندو.
اجلاس ۾ مرڪزي ميمبر، عالم سڳورا، سپارڪو ۽ موسميات کاتي جا عملدار شرڪت ڪندا.
ترجمان مذهبي معاملن واري وزارت جو چوڻ آهي ته زونل چنڊ ڏسڻي ڪميٽين جا پنهنجا لاڳاپيل هنڌن تي اجلاس ڪنديون، چنڊ نظر اچڻ يا نه اچڻ جو اعلان مرڪزي ڪميٽي ڪندي.- Advertisement -
