تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

وفاقي ڪابينا، فلسطين ۽ لبنان ۾ اسرائيلي ظلم سبب متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ وزيراعظم فنڊ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني

- Advertisement -
وفاقي ڪابينا، فلسطين ۽ لبنان ۾ اسرائيلي ظلم سبب متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ وزيراعظم فنڊ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ طئه ٿيل ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران وزيراعظم فنڊ قائم ڪرڻ بابت اسٽيٽ بئنڪ جو اڪائونٽ کولڻ لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون. ترقي ۽ رٿابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال فلسطين ۽ لبنان لاءِ امدادي ڪاررواين جي نگراني ڪندو. اجلاس دوران  آءِ ٽي واري وزارت طرفان وفاقي وزارتن ۽ ادارن ۾ ايِ آفيس لاڳو ڪرڻ بابت بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته حڪومت ايِ گورننس لاڳو ڪرڻ بابت گڏيل قومن جي ايِ گورننس ڊولپمينٽ انڊيڪس ۾ پاڪستان جي پوزيشن ۾ 14 درجا بهتري ٿي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت جي سمورين 40 ڊويزنن ۾ اي آفيس لاڳو ڪرڻ جو عمل جاري آهي. وفاقي ڪابينا ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جي فيصلن جي روشنيءَ ۾ ماهگيري جي شعبي ۾ سبسڊيز جي معاهدي جي منظوري ڏني. ڪابينا پرڏيهي وزارت جي سفارش تي پرڏيهي وزارت ۽ رونڊا جي پرڏيهي وزارت وچ ۾ ٻطرفي سياسي صلاح مشورن واري مفاهمتي يادداشت جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا بلوچساتان هائيڪورٽ جي حڪمن ۽ قانون واري وزارت جي سفارش تي جڊيشل مئجسٽريٽ ون گوادر ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ ون حب کي منشيات جا ڪيس ٻڌڻ جو اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏني.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
9 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
14 %
1.5kmh
2 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون