تازه ترين

آمريڪي صدر جوبائيڊن پاران ڊونلڊ ٽرمپ تي حملي جي مذمت

- Advertisement -
امريڪي صدر جوبائيڊن ريپبلڪن پارٽي جي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ تي چونڊ ريلي تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ امريڪي صدر جو چوڻ هو ته کيس اهو ٻڌي خوشي ٿي آهي ته ٽرمپ حملي ۾ محفوظ رهيو، امريڪا ۾ اهڙي تشدد جي ڪا گنجائش ناهي. آمريڪي صدر بائيڊن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ ٺيڪ آهي، سيڪريٽ سروس فوري ايڪشن ورتو ۽ ٽرمپ کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو، هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي فوري ڪارروائي تي سندن شڪريو ادا ڪيو. هو جلد ڊونلڊ ٽرمپ سان رابطو ڪندو. جوبائيڊن جو چوڻ هو ته اهڙي واقعي جي مذمت لاءِ قوم کي متحد ٿيڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.6 ° C
32.6 °
32.6 °
7 %
10kmh
0 %
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
33 °

تازه ترين خبرون