تازه ترين

صدر ۽ وزيراعظم پاران ٽرمپ جي ريلي دوران حملي جي مذمت

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف، آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي چونڊ ريلي دوران حملي جي مذمت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي حملي جو ٻڌي صدمو پهتو، سياست ۾ تشدد جي ڪابه جاءِ ناهي. صدر آصف علي زرداري، ڊونلڊ ٽرمپ جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. پي ايم هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سياسي عمل ۾ هر قسم جو تشدد مذمت جوڳو آهي، هن ڏکي وقت ۾ همدرديون ۽ نيڪ خواهشون ڊونلڊ ٽرمپ جي خاندان سان گڏ آهن. وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻي آمريڪي صدر جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي جڏهن ته حملي ۾ زخمي ٿيل ٻين ماڻهن جي به جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.6 ° C
32.6 °
32.6 °
7 %
10kmh
0 %
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
33 °

تازه ترين خبرون