تازه ترين

آمريڪي صدر جو بائيڊن، وزيراعظم شهبازشريف کي خط

- Advertisement -
آمريڪي صدر جو بائيڊن، وزيراعظم شهبازشريف کي خط لکي حڪومت سنڀالڻ تي واڌايون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته اهم چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. آمريڪي صدر، وزيراعظم  شهبازشريف کي لکيل خط ۾ نئين چونڊيل حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. اهو وزيراعظم شهبازشريف جو منصب سنڀالڻ بعد آمريڪي صدر جو پهريون خط آهي. جو بائيڊن جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪ جي عوام وچ ۾ ڀائيواري دنيا ۽ عوام جي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم آهي. هن چيو ته دنيا ۽ خطي کي آڏو چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. آمريڪي صدر چيو ته  آمريڪا پاڪستان گرين الائنس فريم ورڪ سان ماحولياتي بهتري لاءِ هو پنهنجي اتحاد کي وڌيڪ مضبوط ڪندا. سندس چوڻ هو ته جٽادار زرعي ترقي، پاڻي نظام ۽ 2022ع واري ٻوڏ جي اثرن جي بهالي ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکي ويندي. جوبائيڊن چيو ته پاڪستان سان گڏجي انساني حقن جي تحفظ ۽ ترقي کي هٿي لاءِ آمريڪا پرعزم آهي. آمريڪي صدر چيو ته پاڪستاني ۽ آمريڪي عوام وچ ۾ رشتو وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. جو بائيڊن جو خط ڊگهي عرصي کانپوءِ ڪنهن به آمريڪي صدر جو پاڪستان وزيراعظم کي پهريون سفارتي خط آهي، جيڪو پاڪستان ۽  آمريڪا وچ ۾ سفارتي لاڳاپن ۾ بحاليءَ ڏانهن اشارو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
36 %
2kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون