تازه ترين

تربت حملي تي ڀارت جي بي بنياد پروپيگنڊا وائکي ٿي وئي

تربت حملي تي ڀارت جي بي بنياد پروپيگنڊا وائکي ٿي وئي، حملي سان گڏ ئي ڀارتي ميڊيا تي فوجين کي نقصان پهچڻ وارا الزام ۽ بي ايل ايَ بابت ٽوئٽس به سامهون اچي وي اآهن.

ڀارت سدائين خطي ۾ دهشتگرديءَ جي پٺڀرائي ڪندو رهيو آهي، مودي دور ۾ انتهاپسند پاليسين تحت ڀارت پاڙيسري ملڪن لاءِ   خطرو بڻجي چڪو آهي.

پاڪستان جي ڌرتي کي سدائين ڀارت پنهنجي دهشتگردي وارا عزم پورا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي اڪثر ڪاررواين جون ڪڙيون ڀارت سان ملن ٿيون.

ڀارت سدائين بزدلاڻا وار ڪندي معصوم پاڪستان شهرين تي حملا ڪيا، 25 ۽ 26 مارچ جي وچ واري رات دهشتگردن طرفان تربت نيول ايئر بيس تي حملو ڪيو ويو، ان حملي سان اڳ ٿيل حملن ۾ هڪجهڙائي آهي ته حملن سان گڏ ان جي خبر ڀارتي سوشل ميڊيا تي هلڻ شروع ٿي ويندي آهي.

اطلاعن موجب اهو اتفاق ناهي  پر ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙيندڙ دهشتگردن ۽ ڀارت جي ڳجهين ايجنسين ۾ ويجها لاڳاپا آهن.

تربيت نيول ايئر بيس تي حملي کي بهادر فوج ناڪام بڻايو، پر ڀارتي ميڊيا تي ڏيکاريو ويو ته تربت نيول ايئر بيس تي وڏي تباهي ٿي آهي، پر حقيقت ان کان ابتڙ هئي.

انهن سمورين حقيقتن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ته ڀارت پاڪستان ۾ عدم استحڪام  جو شڪار ڪرڻ لاءِ دهشتگرد تنظيمن کي مڪمل مدد فراهم ڪري رهيو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
17.6 ° C
17.6 °
17.6 °
38 %
3.8kmh
32 %
ڇنڇر
17 °
آچر
22 °
سُومر
19 °
اڱارو
21 °
اربع
23 °

تازه ترين خبرون