- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزا تي قبضي واري بيان کي آمريڪي شهرين جي اڪثريت رد ڪري ڇڏيو.
آمريڪي ميڊيا جي پول موجب 47 سيڪڙو آمريڪين ٽرمپ جي غزا تي قبضي واري منصوبي کي خراب قرار ڏيئي ڇڏيو.
پول ۾ 13 سيڪڙو شهرين ٽرمپ جي بيان جي حمايت ڪئي ۽ 40 سيڪڙو آمريڪين ان حوالي سان واضح راءِ نه ڏني.
پول موجب آمريڪي صدر ٽرمپ جي حماس – ا سرائيلي تڪرار کي منهن ڏيڻ جي طريقي جي 54 سيڪڙو آمريڪين حمايت ڪئي ۽ 46 سيڪڙو مخالفت ڪئي.- Advertisement -
