آمريڪي عوام ڪاملا هيرس کي ڪنهن به صورت ۾ صدر نه چونڊيندو : ڊونلڊ ٽرمپ

- Advertisement -
آمريڪا جي ريپبلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪي عوام ڪاملا هيرس کي ڪنهن به صورت ۾ صدر نه چونڊيندو. ڪولراڊو ۾ چونڊ ريلي کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته غير قانوني اميگرينٽس سان سختيءَ سان منهن ڏنو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته غير قانوني اميگرينٽس سان مل کي صاف ڪيو ويندو. ريپبلڪن صدارتي اميدوار ٽرمپ جو چوڻ هو ته آمريڪي شهري يا قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار کي قتل ڪندڙ مائيگرينٽ کي موت جي سزا ڏني ويندي. هوڏانهن ڊيموڪريٽڪ آمريڪي صدارتي اميدوار ڪملا هيرس چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي عوام ۾ نفاق پيدا ڪري رهيو آهي. هن چيوته ريپبلڪن اميدوار ٽرمپ پنهنجن مخالفن کي هيٺانهين ڏيکارڻ لاءِ غلط ڪمن نالن سان پُڪاريندو آهي، آمريڪا کي اهڙي صدر جي ضرورت  آهي جيڪو عوام کي متحد ڪري سگهي. ڪاملا هرس جو چوڻ هو ته ، غزا  ۽ لبنان جي جنگين کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي،  وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سان خطي جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
39%
4.4m/s
5%
سُومر
24 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون