وزيراعظم اسلام آباد جو دورو ڪري شنگهائي سهڪاري تنظيم جي اجلاس ۾ مهمانن جي آجيان لاءِ ڪيل انتظامن جو جائزو ورتو

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد جو دورو ڪري شنگهائي سهڪاري تنظيم جي اجلاس ۾ مهمانن جي آجيان لاءِ ڪيل انتظامن جو جائزو ورتو، عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته شنگهائي سهڪاري تنظيم جو اجلاس معاشي لحاظ سان به اهميت جوڳو آهي، وڳوڙي عنصرن کي ڪنهن به قسم جي رنڊڪ وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. وزيراعظم شهباز شريف، گهرو وزير محسن نقوي، عطا تارڙ ۽ ٻين اختيارين سان گڏجي دورو ڪيو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي شنگهائي سهڪاري تنظيم جي اجلاس ۾ مهمانن جي آجيان لاءِ ڪيل انتظامن بابت وزيراعظم کي آگاهي ڏني. ان سلسلي ۾ جاري ڪيل خاص پيغام ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته شنگهائي سهڪاري تنظيم جو اجلاس معاشي لحاظ سان به اهميت جوڳو آهي، وڳوڙي عنصرن کي ڪنهن به قسم جي رنڊڪ وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مڪمل الرٽ آهن، سلامتي جي صورتحال تي مڪمل ڌيان آهي،. عطا تارڙ چيو ته اميد آهي ته ميمبر ملڪ ۽ مهمان پاڪستان جي هاڪاري سڃاڻ سان گڏ واپس ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
44%
3.4m/s
27%
اڱارو
24 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
28 °

تازه ترين خبرون