- Advertisement -
آمريڪي وفاقي عدالت فيڊرل گرانٽس ۽ قرضن کي منجمد ڪرڻ بابت صدر ٽرمپ انتظاميا جو قدم روڪي ڇڏيو آهي.
اهي گرانٽس ۽ قرض آمريڪا ۾ مقامي حڪومتن، اسڪولن ۽ نان پرافٽ تنظيمن جي بقا لاءِ لازمي تصور ڪيا ويندا آهن.
آمريڪي انتظاميا جي ڪوشش هئي ته اُها آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازن ايگزيڪيوٽو آرڊرز جي روشني ۾ ان گرانٽس ۽ قرضن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پروگريسو نوعيت جي جاري قدمن کي ختم ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٽرمپ انتظاميه جي ان قدم سان آمريڪي حڪومت مونجهاري جو شڪار ٿي وئي هئي، جڏهن ته ٽيڪس ڏيندڙن جي رقم جي ڪنٽرل تي آئيني تڪرار پيدا ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو هو.
وفاقي جج طرفان حڪمنامو اهڙي وقت ۾ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن فنڊنگ کي منجمد ڪرڻ بابت صدارتي حڪمنامي تي ڪجهه منٽن کانپوءِ عمل شروع ٿيڻو هو.- Advertisement -
