اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن سان ويڙهه ۾ پاڪ فوج جي ليفٽيننٽ ڪرنل سميت ڇهه جوان شهيد ۽ جوابي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا.

- Advertisement -
اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن سان ويڙهه ۾ پاڪ فوج جي ليفٽيننٽ ڪرنل سميت ڇهه جوان شهيد ۽ جوابي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان جي علائقي سپن وام ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت، لانس نائيڪ محمد الله، لانس نائيڪ  اختر زمان، لانس نائيڪ شاهد الله، لانس نائيڪ يوسف علي ۽ سپاهي جميل احمد شهيد ٿي ويا آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته 43 ورهين جو ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت دهشتگردن خلاف آپريشن جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. آءِ ايس پي آر موجب، شهيد ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت جو تعلق فيصل آباد ۽ ٻين پنجن جوانن جو تعلق خيبر، لڪي مروت، ٽانڪ، اورڪزئي ۽ سوات سان آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، بهادر سپاهين جون قربانيون سندن عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
53%
5m/s
17%
آچر
33 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون