ڪراچي جي احتساب عدالت اڳوڻي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي ريفرنس تي ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
ڪراچي جي احتساب عدالت اڳوڻي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي ريفرنس تي ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پ پ اڳواڻ آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت نيب پراسيڪيوٽر جي غير حاضري سبب ڪيس جي ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي کان پوءِ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته 30 سالن کان سندن ميڊيا ٽرائل ٿي رهيو آهي، قيادت جي هدايت موجب حالتن جو ڄمي مقابلو ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته نيب جي ضابطن ۾ تبديلي کانپوءِ سندس نيب ڪيس نٿو بڻجي . صحافي جي سوال تي آغا سراج دراني چيو ته کيس پارٽي طرفان نظرانداز نه ڪيو ويو آهي، هو اڄ به اسيمبلي جو ميمبر آهي. آغا سراج دراني چيو ته ڪي پي ۾ صورتحال گورنر راڄ طرف وڃي رهي آهي، گورنر راڄ جو قانون آهي پر فيصلو وفاقي حڪومت کي ڪرڻو آهي. آغا سراج دراني چيو ته اسپيڪر جي حيثيت سان سندس ڳالهائڻ تي ڪجهه پابنديون هيون، هاڻي اهو هر مسئلي تي کُلي ڳالهائي سگهي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪي پي جو وڏو وزير سياستدان هجي ها ته جيڪو ڪري رهيو آهي اهو ڪڏهن به نه ڪري ها، ڪنهن به صوبي جي وڏي وزير کي اهڙو ڪم نه ڪرڻ گهرجي. اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته سياستدانن کي هميشه ڳالهائڻ لاءَ دروازو کليل رکڻ گهرجي، ڳالهين ۾ ڪوبه حرج ناهي. آغا سراج دراني چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو چوندي هئي ته ڳالهين لاءِ دروازا کليل رکڻ گهرجن، اڄ نه ته سڀاڻي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته تحريڪ انصاف شنگهائي ڪانفرنس جي موقعي تي احتجاج ڪري ملڪي معيشت کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿي. آغا سراج دراني چيو ته هنن محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ جيلون به ڪاٽيون پر اهڙو قدم ڪڏهن به نه کنيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.2 ° C
22.2 °
22.2 °
59%
3.5m/s
10%
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
33 °

تازه ترين خبرون