- Advertisement -
اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي ڪئي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڪارروائي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو ويو آهي، دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ معصوم شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا.
ترجمان چيو ته علائقي مان دهشتگردن جي امڪاني موجودگيءَ جي خدشي سبب ڪليئرنس آپريشن پڻ ڪيو ويو- Advertisement -
