سرحد پار کان هاڻي دهشتگردي برداشت نه ڪئي ويندي: وزيراعظم شهبازشريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته سرحد پار کان هاڻي دهشتگردي برداشت نه ڪئي ويندي، ملڪ جو سرحدون دهشتگردي خلاف ريڊ لائن آهن، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ضروري آهي، ڪيترائي اهڙا کاتا آهن، جن جي ضرورت ئي ناهي، جيڪي کاتا رهجي ويا آهن اهي ارڙهين ترميم تحت صوبن حوالي ڪيا ويندا. ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته خطي ۾ امن لاءِ پاڙيسري ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهن ٿا، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قوم عظيم قربانيون ڏنيون آهن. هن چيوته کين آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته قرضن کانسواءِ گذارو ناهي، معيشت کي پيرن تي بيهاري ملڪ جي قرضن مان جان ڇڏائڻي آهي. شهبازشريف چيو ته ڪوشش ڪئي ويندي گهٽ کان گهٽ قرض ورتو وڃي، گذريل حڪومت ۾ هنن ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو. وزيراعظم چيو ته ملڪ لاءِ هنن سياست داءُ تي لڳائي، چيف جسٽس کي درخواست آهي ته سمورين هائيڪورٽن کي هدايت ڏي ته سمورن ڪيسن جو فيصو ميرٽ تي ڏنو وڃي. شهبازشريف چيو ته حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ضروري آهي، ڪيترائي اهڙا کاتا آهن، جن جي ضرورت ئي ناهي، جيڪي کاتا رهجي ويا آهن اهي ارڙهين ترميم تحت صوبن حوالي ڪيا ويندا. وزيراعظم چيوته ساليانو 500 ارب رپيا بجلي چوري  ٿيندي آهي، هاڻي بجلي ۽ گيس جي چوري برداشت نه ڪئي ويندي، ان جي خاتمي جو مڪمل پلان آڻڻو پوندو………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
48%
2m/s
0%
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون