تازه ترين

128 ارب رپين جي ٽيڪس چوري ٿي رهي آهي:محمد اورنگزيب

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ٽيڪس چورن خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته 128 ارب رپين جي ٽيڪس چوري ٿي رهي آهي، ڪمپنين جو ڪوڙ وڌيڪ برداشت نه ڪيو ويندو، ٽيڪس ڏيندڙن جي انگ ۾ اضافو  حڪومت تي اعتماد جو اظهار آهي، ٽيڪس بقايا ڏيڻ سان ناڻي تي بار ۾ گهٽتائي ٿيندي. اسلام آباد ۾ چيئرمين ايف بي آر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته سعودي وفد سان هاڪاري ڳالهيون ڪيون آهن، معاشي استحڪام اچي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته جي ڊي پي ۾ ٽيڪسن جو سيڪڙو وڌائڻو آهي، جي ڊي پي ۾ ٽيڪسن جو سيڪڙو ساڍا 13 تائين وڌائڻو آهي، سيلز ٽيڪس جي چوري روڪڻي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته ڪمپنيون ٽيڪس گهٽ ڪرڻ لاءِ  اِنِ پُٽِ ٽيڪس وڌائينديون آهن، سيلز ٽيڪس جمع ڪري اڳتي نه ڏيڻ اعتماد کي ٽوڙڻ آهي، ايف بي آر ۾ بهتري لاءِ قدم کڻي رهيا آهن. هن چيو ته  128 ارب رپين جي ٽيڪس چوري ٿي رهي آهي، ڪمپنين جو ڪوڙ وڌيڪ برداشت نه ڪيو ويندو. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته ٽيڪس ڏيندڙن جي انگ ۾ اضافو  حڪومت تي اعتماد جو اظهار آهي، ٽيڪس بقايا ڏيڻ سان ناڻي تي بار ۾ گهٽتائي ٿيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
33 %
3.7kmh
23 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون