تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪنهن به صورت قبول ناهي: پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو

- Advertisement -
پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪنهن به صورت قبول ناهي، پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ڪئي وڃي، صوبن جي راضپي کانسواءِ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم نٿي ڪري سگهجي، ميثاق جمهوريت ۾ عدالتي سڌارا آڻي آئيني عدالتون قائم ڪرڻ شامل آهي. لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي بيگناهه ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاهي ڏني وئي، شهيد ڀٽو جي ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو ته شهيد ڀٽو کي شفاف ٽرائل جو موقعو نه ڏنو ويو، فيصلي ثابت ڪيو ته شهيد ڀٽو جو عدالتي قتل هو. هن چيو ته ميثاق جمهوريت ۾ به عدالتي سڌارا آڻي آئيني ڪورٽون قائم ڪرڻ شامل آهي ان لاءِ پهرين ڏينهن کان پيپلز پارٽي جو موقف رهيو آهي ته عدالتي سڌارا آندا وڃن، جيڪڏهن وفاقي شرعي ڪورٽ ٺهي سگهي ٿي ته پوءِ آئيني ڪورٽ ڇو ٺهي نه ٿي سگهي؟ سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ ناهي، اتي اپيلون ٻڌيون وينديون آهن، نواز شريف کي حڪومت ۾ 2 ڀاڱي ٽي اڪثريت ملي پر هُن 58 ٽو بي کي ختم نه ڪيو پر صدر آصف علي زرداري 58 ٽو بي جا اختيار پارليامينٽ کي ڏئي ڇڏيا. نثار کهڙي چيو ته آئين ۾ ترميم لاءِ ٻه ڀاڳي ٽي اڪثريت لازمي آهي ان لاءِ مولانا فضل الرحمان سان ملاقاتون ٿيون آهن، عدالتي سڌارن لاءِ آئيني ترميم اڻٽر بڻجي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان کي عدالتي ادارن جي سخت ضرورت آهي، جنهن سان عدالتي نظام ڪمزور نه پر مضبوط ٿيندو ۽ سپريم ڪورٽ تي ڪيسن جو بار گهٽجي ويندو، هو سياسي پارٽين کي اپيل ڪندو ته ٽرٿ اينڊ ريڪنسيليشن تي پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. نثار کهڙي چيو ته پيپلز پارٽي 2008 ۾ وفاقي حڪومت ۾ آئي ته پيپلز پارٽي 18 هين ترميم ڪئي، جنهن جي سمورن نقطن تي اڃا تائين عمل ٿي نه سگهيو آهي، جن تي عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي. پ پ سنڌ جي صدر چيو ته ارسا ايڪٽ انتهائي خطرناڪ آهي، ڪالاباغ ڊيم واري مسئلي تي سنڌ ڀرپور آواز اٿاري جدوجهد ڪئي هاڻي به پيپلز پارٽي کي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. نثار کهڙي چيو ته مطالبو ٿا ڪن ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ تي عمل ڪيو وڃي، جنهن ڪري پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبليءَ مان ارسا ايڪٽ خلاف ٺهراءُ پاس ڪيو، ڇاڪاڻ ارسا ايڪٽ ۾ صوبن جي رضامندي سان ڪا به ترميم نه ٿي ٿي سگهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
22.5 ° C
22.5 °
22.5 °
28 %
1.7kmh
57 %
جمعو
22 °
ڇنڇر
23 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون