- Advertisement -
لبناني مزاحمتي تنظيم حزب الله جو سربراهه شيخ حسن نصر الله پنهنجي نياڻي ۽ ساٿين سميت اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب حسن نصرالله اسرائيلي فوج جي هوائي حملي ۾ شهيد ٿي ويو آهي، جنهن جي حزب الله طرفان تصديق ڪئي وئي آهي.
حزب الله طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته شيخ حسن نصر الله پنهنجي نياڻي زينب ۽ ساٿين سميت اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته اسرائيل خلاف جنگ جاري آهي ۽ رهندي.
حسن نصر الله جي شهادت جي خبر ٻڌئندي ئي بيروت ۾ عوام روڊن تي نڪري آيو.
جمعي ڏينهن اسرائيلي فوج بيروت ۾ گهڻ ماڙ عمارت تي هوائي حملا ڪندي دعويٰ ڪئي هي ته هوائي حملن ۾ حزب الله جي هيڊڪوارٽر کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ حزب الله سربراهه حسن نصر الله پنهنجي نياڻي ۽ اڳواڻن سميت مارجي ويو ٿي ويو آهي.
حزب الله سربراهه جي شهادت بعد ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه ايَ کي به محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.
سيد حسن نصر الله 1960ع ۾ اولهه بيروف جي علائقي بورجي حمود ۾ پيدا ٿيو، سندس والد هڪ ننڍڙي دڪان جو مالڪ هو، حسن 9 ڀاءُ ڀيڻن ۾ سڀني کان وڏو هو.
حسن نصر الله جي پيدائش جي ڪجهه عرصي بعد لبنان ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي جيڪا پندرهن سال جاري رهي.
حسن نصر الله ساٿين سميت امل تحريڪ مان علحيدگي اختيار ڪندي پاڻ کي اسرائيل خلاف مزاحمت لاءِ ارپي ڇڏيو.
هن ٽي سال عراق جي شهر نجف ۾ ٽي سال سياست ۽ قرآن جي تعليم حاصل ڪئي، 1978ع ۾ حسن نصر الله کي عراق مان بي دخل ڪري ڇڏيو.
اسرائيلي فوج جي 1982ع ۾ بيروت تي حملي بعد حسن نصر الله امل مليشيا کان عليحدگي اختيار ڪندي حزب الله تنظيم ۾ شموليت اختيار ڪئي، جنهن جو مقصد ڏکڻ لبنان جي وادي بقا ۾ اسرائيلي اڳرائي خلاف مزاحمت ڪرڻ هو.
حسن نصر الله پنهنجي اڳواڻ عباس الموسوي جي قتل بعد 1992ع ۾ رڳو 32 ورهين جي عمر ۾ حزب جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو.
حسن نصر الله 2004ع ۾ اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ قيدين جي مٽاسٽا ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان معاهدي کي عرب دنيا ۾ حزب الله ۽ حسن نصرالله جي فتح طور ڏٺو ويو.
2005ع ۾ لبنان جي وزيراعظم رفيق حريري جي قتل بعد حسن الله نصرالله ملڪ جي مختلف سياسي ڌڙن وچ ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار به نڀايو.
حسن نصر الله جي قيادت ۾ حزب الله اسرائيل جي هڪ اهم مخالف تنظيم طور اڀري، حماس جي 7 آڪٽوبر تي اسرائيل تي حملي بعد حزب الله لبنان اسرائيل سرحد تي روزانو اسرائيلي فوج سان وڙهندي رهي آهي.- Advertisement -
