- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چولستان ۽ ٿل ڪئنال 2 رٿائن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت درخواست تي وفاقي حڪومت ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي 7 اپريل تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ زميندار قربان ميتلو جي وڪيل بئريسٽر ضمير گهمرو پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران درخواست ڏيندڙ جي جي وڪيل بئريسٽر ضمير گهمريو عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته ارسا جو ڍانچو غيرقانوني آهي، ان جو وفاقي ميمبر سنڌ مان مقرر نه ڪيو ويو آهي تنهنڪري ارسا پاڻيءَ جي دستيابيءَ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو اختيار نٿي رکي، جيڪو چولستان ۽ ٿل ڪئنال فيز ٽو جي تعمير لاءِ جاري ڪيو ويو.
بئريسٽر ضمير گهمرو عدالت کي اپيل ڪندي چيو ته ارسا طرفان ڪئنالن جي تعمير لاءِ جاري ڪيل پاڻي جي دستيابيءَ جو سرٽيفڪيٽ غيرقانوني قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
هن چيو ته ارسا جو وفاقي ميمبر امجد امتياز سنڌ مان ناهي ۽ هو غيرقانوني طور عهدي تي قابض آهي کيس هٽايو وڃي.
بئريسٽر ضمير گهمرو چيو ته پاڻيءَ جي دستيابيءَ جو سرٽيفڪيٽ غيرقانوني ۽ غير آئيني آهي، تنهنڪري ڪئنالن جي تعمير فوري طور روڪڻ گهرجي.
هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳ ئي فيصلو ڏئي چڪي آهي ته ارسا جو وفاقي ميمبر سنڌ مان هجڻ گهرجي، وفاقي حڪومت جي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل اپيل 2021ع ۾ خارج ڪئي وئي هئي، ان باوجود پنجاب مان غيرقانوني ميمبر مقرر ڪرڻ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي آهي.
بئريسٽر ضمير گهمرو چيو ته سنڌ سراپا احتجاج آهي، بار ايسوسيئيشن ٺهراءُ پاس ڪيا آهن، تنهنڪري ڪئنالن نه ٺهڻ گهرجن.
عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد وفاقي حڪومت ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي 7 اپريل تي جواب طلب ڪري ورتو.- Advertisement -
