- Advertisement -
فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ جي صدر، جي ڊي اي چيف ڪو آرڊينيٽر صدر الدين شاهه راشدي چيو آهي ته ارسا قانون ۾ ترميمون آڻي سنڌو درياهه مان نوان ڪينال ڪڍي سنڌو درياهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنھن کي سنڌ جو عوام 19 سيپٽمبر تي پرامن احتجاجي ڌرڻن ۾ ڀرپور شرڪت ڪري رد ڪندو، ھي سنڌ لاءِ موت جو پروانو آھي، جنھن کي ڪنھن به صورت ۾ عوام قبول نه ڪندو، سنڌ واسي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪري سنڌ دشمن آرڊيننس کي رد ڪن.
جي ڊي اي جي چيف ڪوآرڊينيٽر صدرالدين شاھه راشدي، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي، جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ غلام مرتضي جتوئي سان سندس رهائشگاھه تي ملاقات ڪري سندس عيادت ڪئي.
ملاقات دوران ملڪ خاص طور سنڌ جي سياسي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ ارسا قانون ۾ ترميمون ڪري سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ خلاف 19 سيپٽمبر تي سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاج کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي.
ان موقعي تي صدر الدين شاهه راشدي چيو ته ارسا قانون ۾ ترميمون آڻي سنڌو درياهه مان نوان ڪينال ڪڍي درياهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنھن کي صوبي جو عوام 19 سيپٽمبر تي پرامن احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪري رد ڪندو.
سندس چوڻ هو ته ارسا قانون ۾ ترميمون سنڌ لاءِ موت جو پروانو آھي، جنھن کي ڪنھن به صورت ۾ عوام قبول نه ڪندو.
صدر الدين شاهه راشدي چيو ته سنڌ واسي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪري سنڌ دشمن آرڊيننس کي رد ڪن.
اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ آهي ته صدر آصف علي زرداري سنڌ جي عوام کي ڪوڙن ڪيسن ۽ ڌمڪين سان هيسائي سنڌ کي وڪرو نٿو ڪري سگھي، پوري سنڌ سراپا احتجاج آھي، عوام پرامن احتجاج ۾ شرڪت ڪري چورن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري.
ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته 19 سيپٽمبر تي سنڌ جي سمورن ضلعي ھيڊڪوارٽرن آڏو پر امن احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، ھاڻي ڦورو حڪمرانن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي.
اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي چيو ته پاڻي جي ھٿرادو کوٽ سبب سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي آھي، ارسا قانون ۾ ترميمون آڻي، سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍي باقي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، ايوان صدر ۾ سنڌ کي برباد ڪرڻ جون سازشون بند ڪيون وڃن.- Advertisement -
