بلوچستان جي علائقي ڪچلاڪ ۾ پوليس گاڏي ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي.
ڪچلاڪ روڊ تي پوليس موبائل ويجهو ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو ٿيو.
ڌماڪي جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ زيب الدين ۽ پوليس اهلڪار محمد طاهر شهيد ٿي ويا.
اطلاع ملڻ بعد ايس پي صدر شوڪت علي، ڊي ايس پي عجب خان ڪاڪڙ ۽ ٻيا پوليس عملدار واقعي واري هنڌ پهچي ويا.
شهيد اهلڪارن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا.
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي.
صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته واقعي جي ذميوارن کي جلد کان جلد قانون جي ڪٽهڙي آڻي سخت سزا ڏياري وڃي.
وزيراعظم شهباز شريف واقعي ۾ شهيد ٿيل اهلڪارن لاءِ مغفرت جي دعا ڪندي چيو ته واقعي جي ذميوار دهشتگردن کي جلد کان جلد عبرتناڪ سزائون ڏنيون وينديون، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشٽگردن خلاف جنگ جاري رهندي.
بلوچستان جي علائقي ڪچلاڪ ۾ پوليس گاڏي ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10
°
C
10
°
10
°
26%
1.4m/s
1%
اڱارو
10
°
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°


