- Advertisement -
ڪراچيءَ جي عدالت قومپرست ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جي فيصلو چئن ورهين بعد ٻڌائيندي جوابدار رحيم شاهه کي 6 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت قومپرست ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس جو محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مک جوابدار رحيم شاهه کي 6 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
عدالت ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي ٻين جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
ڪيس جو مک جوابدار رحيم شاهه عدالتي رمانڊ تي جيل ۾ قيد آهي.
ڪيس ۾ ڊي ايس پي شوڪت شاهاڻي ۽ ٻيا جوابدار ضمانت تي آزاد آهن.
ارشاد رانجهاڻي جو قتل ڪيس 6 فيبروري 2019ع تي شاهه لطيف ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو ۽ ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل آهن.
ارشاد رانجهاڻي ڪيس جي وڪيل محمد خان شيخ چيو ته اڄ تاريخي فتح ٿي آهي، عدالت مک جوابدار کي قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ارشاد رانجهاڻي جي وارثن تڪليفون برداشت ڪيون پر سوديبازي نه ڪئي.- Advertisement -
