- Advertisement -
شڪارپور ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ڀاءُ هٿان ڀاءُ قتل ٿي ويو آهي.
نيو فوجداري ٿاڻي جي حد ڪاٺ مڏي پاڙي ۾ جوابدار اطهر سومري گوليون هڻي پنھنجي ڀاءُ ايڊووڪيٽ جلال الدين سومري کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ملڪيت جي تڪرار تان جوابدار اطهر سومري پنهنجي ڀاءُ ايڊوڪيٽ جلال الدين سومرو کي سيني ۾ گولي هنئي.
پوليس موجب، زخمي جلال الدين سومري کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر جي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ھن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي ڳولا جاري آھي کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو- Advertisement -
