- Advertisement -
اسرائيلي طرفان اجازت نه ملڻ تي رفح بارڊر اڄ به بند هجڻ سبب امدادي ٽرڪن جون ڊگهيون لڳي ويون.
اسرائيلي فوجن خميس ڏينهن به رفح سرحد نه کولي، سرحد بند ٿيڻ جي ڪري امداد سان ڀريل سوين ٽن امدادي ٽرڪون غزه نه پهچي سگهيون.
رفح سرحد کولڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار جي ڪري مصري سرحد تي امدادي ٽرڪن جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون.
گڏيل قومن ۽ امدادي تنظيمن انساني بحران کي گهٽائڻ لاءِ رفح سرحد کي فوري طور تي کولڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
رپورٽن موجب جنگ بندي جي باوجود، اسرائيلي فوج پاران ڀڃڪڙيون جاري آهن، اڄ 3 فلسطيني شهيد ٿيا.
غزه ۾ ملبي مان لاشون ملڻ جو سلسلو جاري آهي، 29 وڌيڪ فلسطينين جا لاش اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن.- Advertisement -
