تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اسرائيلي فوج جا غزه تي ظلم جاري، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 86 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جا غزه تي ظلم جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 86 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته 131 زخمي ٿي پيا. فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 30 هزار تائين پهچي ويو جڏهن ته 70 هزار کان وڌيڪ زخمي آهن. فلسطيني ميڊيا موجب، خان يونس جي عمارت جي ملبي مان 23 لاش هٿ آهن، بمباري سبب غزه جي 80 سيڪڙو آبادي بي گهر ٿي چڪي آهي جڏهن ته 500 کان وڌيڪ مسجدن کي شهيد ۽ گرجا گهرن کي تباهه ڪيو ڪيو آهي. فلسطيني ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج 300 تعليمي ادارن ۽ 3 لک 60 هزار رهائشي يونٽن کي تباهه ڪيو آهي جڏهن ته بمباري ڪري 200 کان وڌيڪ ثقافتي هنڌن جو نالو نشان مٽائي ڇڏيو آهي. عرب ميڊيا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسرائيل ڄاڻي واڻي سڄي غزه ۾ طبي سهولتن کي نشانو بڻايو، غزه جي 35 مان 31 اسپتال سروس کان محروم ٿي ويا آهن. ٻئي پاسي گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته غزه جي ناقص صورتحال سبب بيماريون ڦهلجڻ جو خطرو آهي، صاف پاڻي جي کوٽ آهي، بيماريون پکڙجي رهيون آهن. گڏيل قومن جي رپورٽ موجب، فلسطيني پناهگير ڏکين حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
27 %
1.3kmh
10 %
خميس
24 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون