- Advertisement -
ايران، امريڪي ۽ برطانوي حملن کي يمن جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ناصر ڪنعاني جو چوڻ هو ته امريڪا ۽ برطانيا هڪ ڀيرو ٻيهرثابتڪيو ته جنگي ڏوهه ۽نسل ڪشي ڪرڻ واري اسرائيل جو حمايتي آهي.
سندس چوڻ هو ته امريڪا ۽ برطانيا ڏوهي رياست جي تحفظ ۽ ناجائز مفادن کي عالمي امن ۽ سلامتي کان وڌيڪ اهميت ڏيندا آهن.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته امريڪا ۽ برطانيا غزه جنگ روڪڻ بدران هـُن ملڪ تي حملا ڪري رهيا آهن جيڪو جنگ روڪرائڻ لاءِ اسرائيل تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي
واضع رهي ته امريڪا ۽ برطانيا يمن جي 8 هنڌن تي حوثين جي 18 ٿاڪن کي هوائي حملن سان نشانو بڻائڻ جي دعوى ڪئي آهي…..- Advertisement -
