تازه ترين

اسرائيلي فوج جي بربريت جاري، غزا جي مختلف علائقن ۾ اسرائيلي بمباري ۾ يو اين جي 6 اهلڪارن سميت وڌيڪ 17 ڄڻا شهيد

- Advertisement -
غزا ۾ اسرائيلي فوج جي بربريت جاري آهي، غزا جي مختلف علائقن ۾ اسرائيلي بمباري ۾ يو اين جي 6 اهلڪارن سميت وڌيڪ 17 ڄڻا شهيد ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي اسڪول تي اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا. اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي فوج جي حملن ۾ وڌيڪ 6 فلسطيني شهيد ٿي ويا، طوهاس شهر ۾ رهائشي عمارت تي فضائي حملي ۾ 5 شهرين شهادت ماڻي اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي فوج گشت ڪري رهي آهي، اسرائيلي فوج اردن سان لڳولڳ سرحد بند ڪري ڇڏي آهي. گڏيل قومن جي ايجنسي انروا چيو آهي ته وچ غزا ۾ گڏيل قومن جي ماتحت هڪ اسڪول تي اسرائيلي حملي ۾ ايجنسي جا 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا. انروا جو چوڻ آهي ته هڪ ئي حملي ۾ 6 اهلڪارن جي شهادت غزا ۾ اسرائيلي جنگ جي شروعات کان هيل تائين ڪنهن به حملي ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن مان سڀ کان وڌيڪ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
53 %
2.1kmh
14 %
آچر
27 °
سُومر
33 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون