- Advertisement -
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته غزا ۾ گڏيل قومن جي عملي ۽ انساني امداد جي ڪارڪنن کي قتل ڪيو پيو وڃي، گڏيل قومن جي ميمبرن جي قتل جي جامع جاچ ۽ اثرائتي احتساب جي ضرورت آهي.
برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي انتونيو گوتريس گذريل سال کي گهڻو سخت ۽ ڏکيو قرار ڏيندي چيو ته ان سڄي سال ۾ اسرائيل جي غزا ۾ جاري جنگ حاوي رهي.
هن وڌيڪ چيو ته غزا ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو آهي اهو ڪنهن به طور قبولڻ جوڳو ناهي، غزا ۾ هيل تائين اسرائيلي حملن ۾ 41 هزار کان وڌيڪ فسلطيني حياتيون وڃائي ويٺا آهن ۽ سويلينز جي بچاءَ جي قدمن جي غير موجودگي ۾ اسرائيلي طرفان عالمي انساني قانونن جون ڊرامائي ڀڃڪڙيون ڪيون پيون وڃن.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اسرائيل خلاف اثرائتي جاچ جو مطالبو ڪندي چيو ته غزا ۾ هيل تائين 300 کان وڌيڪ انساني امدادي ڪارڪن شهيد ڪيا ويا آهن جن مان هڪ ڀاڱي ٽي ڪارڪن گڏيل قومن جي هيٺين ادارن سان تعلق رکن ٿا.
انتونيو گوتريس جو وڌيڪ چوڻ هو ته حملن ۾ ملوث اسرائيلي اهلڪارن جو احتساب نه ٿيڻ قبول ناهي.- Advertisement -
