اسرائيلي فوج جي سربراهه ليفٽننٽ جنرل هرزي هليوي فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس جي 7 آڪٽوبر 2023 جو حملو روڪڻ ۾ ناڪامي تي پنهنجي عهدي تان استعيفى ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج جي چيف آف اسٽاف ليفٽننٽ جنرل هرزي هليوي جو چوڻ آهي ته هو حماس 7 آڪٽوبر 2023 وارو حملو روڪڻ ۾ ناڪامي تي 6 مارچ تي مستعفي ٿي ويندو.
اسرائيلي فوج طرفان جاري هڪ خط ۾ هليوي اسرائيلي وزيراعظم ۽ بچاءَ واري وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسرائيلي ڊفينس فورسز جي 7 آڪٽوبر جي ناڪامي جي ذميواري جي نتيجي ۾ 6 مارچ 2025 تي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ چاهي ٿو.
ليفٽيننٽ جنرل هرزي هليوي لکيو ته 7 آڪٽوبر جي صبح سندس ڪمانڊ ۾ اسرائيلي ڊفينس فورسز اسرائيل جي شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ پوءِ اسرائيل تمام ڳري ۽ دردناڪ قيمت ادا ڪئي.
رپورٽن موجب، اسرائيلي بچاءَ واري وزير، آرمي چيف کي 30 جنوري تائين جاچ مڪمل ڪرڻ جي مهلت ڏني هئي ته جيئن حماس جو 7 آڪٽوبر 2023 وارو حملو روڪن ۾ ناڪامي جا ڪارڻ ڄاڻي سگھجن.
اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته نيتن ياهو اڱاري تي هليوي سان ڳالهايو ۽ آءِ ڊي ايف جي ڊگھي خدمتن ۽ قيادت تي چيف آف اسٽاف جا ٿورا مڃيا.
واضع رهي ته استيعفى حماس سان جنگ بندي معاهدي جي ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ سامهون آيو آهي.
ٻئي طرف عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي آرمي چيف جي ملازمت جو مدو مارچ ۾ ئي ختم ٿي رهيو آهي.
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.7
°
C
8.7
°
8.7
°
26%
1.7m/s
0%
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
18
°


