تازه ترين

اسرائيلي فوج جي غزه جنگ بندي جون ڀڃڪڙيون جاري آهن، تازي بمباري ۾ وڌيڪ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جي غزه جنگ بندي جون ڀڃڪڙيون جاري آهن، تازي بمباري ۾ وڌيڪ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا. آچر ڏينهن ڏکڻ غزه جي شهر خان يونس جي اوڀر واري حصي تي بمباري ڪئي جنهن ۾ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا. هلندڙ سال 10 آڪٽوبر تي جنگ بندي لاڳو ٿيڻ کانپوءِهن وقت تائين اسرائيلي فورسز 274 کان وڌيڪ فلسطينين کي شهيد ڪري چڪي آهي جڏهن ته 1500 عمارتن کي به تباهه ڪيو ويو. ٻئي پاسي والاري اولهندي ڪناري جي شهر طوباس ۾ به فائرنگ ڪري هڪ اسرائيلي فوج هڪ فلسطيني کي شهيد ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي گڏيل قومن جي امن فورس جو چوڻ آهي ته اسرائيلي ٽينڪ ڏکڻ لبنان ۾ اهلڪارن مٿان فائرنگ ڪئي آهي. اسرائيلي فوج موجب، خراب موسم سبب گڏيل قومن کي شڪي سمجهي فائرنگ ڪئي. هوڏانهن اسرائيلي حڪومت 7 آڪٽوبر 2023 جي حماس حملن جي جاچ لاءِ آزاد ڪميٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته اسرائيلي عوام نيتن ياهو حڪومت کان 7 آڪٽوبر حملن جي جاچ لاءِ رياستي ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ياد رهي ته ٻن سالن کان هلندڙ جنگ ۾ اسرائيلي حملن ۾ 69 هزار 400 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
34.6 ° C
34.6 °
34.6 °
5 %
1.2kmh
16 %
اڱارو
34 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون