- Advertisement -
اسرائيلي فوج جي ڏکڻ غزه ۽رفح ۾ بمباري جاري آهي، 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين شهيد فلسطينين جو مجموعي انگ 28 هزار 500 کان وڌي ويو آهي.
اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ هوائي حملي ۾ هڪ عورت ۽ ٻن ٻارن سميت 7 ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو.
ٻئي پاسي حزب الله اسرائيلي فوجي اڏ تي راڪيٽ حملو ڪيو جنهن ۾ هڪ اسرائيلي فوجي مارجي ويو جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
هوڏانهن فرانسيسي صدر اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ٽيلفونڪ رابطو ڪيو.
فرانسيسي صدر رفح ۾ امڪاني اسرائيلي فوجي آپريشن جي مخالفت ڪندي چيو ته رفح آپريشن عالمي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ علائقائي ڇڪتاڻ جو سبب بڻجندو.
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ هو ته حماس طرفان ڪابه تجويز ناهي ملي، حماس جا بي مقصد مطالبا قبول نه ڪندا.- Advertisement -
