- Advertisement -
اسرائيلي فوج غزه تي حملن ۾ تيزي آڻي ڇڏي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 14 معصوم ٻارن سميت هڪ سئو فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.
غزه جي صحت واري وزازرت جو چوڻ آهي ته يهودي فوج شاطي پناهگير ڪيمپ تي بمباري ڪئي آهي جڏهن ته دير البلاح ۽ رفح تي پڻ حملا ڪيا آهن،
غزه جي صحت واري وزارت موجب 7 آڪٽوبر کان اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 29 هزار 600 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته زخمين جو تعداد 69 هزاسر 737 تائين پهچي ويو، شهيدن ۽ زخمين ۾ اڌ کان وڌيڪ انگ صرف ٻارن ۽ عورتن جو آهي.
هوڏانهن حماس جا اسرائيلي فوج تي جوابي حملا جاري آهن، حماس اسرائيلي فوج جي ٽينڪ تباهه ڪري جنهن جي نتيجي ۾ 2 فوجي مارجي ويا، 3 زخمي ٿيا آهن.
ٻئي پاسي يرغمالين جي آزادي بابت ڳالهين جي حوالي سان اسرائيلي ميڊيا دعوى ڪندي چيو آهي ته پيرس ڻ جاري ڳالهه ٻولهه ۾ 40 يرغمالين جي آزادي جي بدلي ۾ غزه جنگ ۾ 6 هفتن جي وقفي ۽ ڪيترن ئي فلسطيني قيدين جي آزادي جو معاهدو ٿيڻ جو امڪان آهي.
اسرائيلي ميڊيا موجب، امريڪا رمضان کان غزه بابت معاهدو ڪرائڻ چاهي ٿو.
اسرائيلي ميڊيا موجب، پيرس ۾ امريڪا، اسرائيل مصر ۽ قطر جي نمائندن جي ملاقات ٿي ، پيرس ڳالهين ۾ يرغمالين جي آزادي بابت اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، اسرائيلي وفد ڳالهين جا تفصيل اسرايئيلي جنگي ڪابينا ۾ پيش ڪندو.
هوڏانهن امريڪا، اسرائيل مصر ۽ قطر جي نمائندن جي پيرس ۾ ملاقات ٿي آهي،
ملاقات ٿي آهي جنهن دوران جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ يرغمالين جي بدلي ۾ ڇهن مهينن جي جنگ بندي جو امڪان آهي- Advertisement -
