- Advertisement -
اسرائيلي فوج غزه ۾ حملا تيز ڪري ڇڏيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 88 فلسطيني اسرائيلي دهشتگردي جو نشانو بڻجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فورسز ٽن ڏينهن اندر هڪ سئو کان وڌيڪ ڀيرا بمباري ڪئي، ٽن ڏينهن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 200 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.
يهودي فوج رفح، نصيرات ۽ جباليه ڪيمپن ۾ گھرن تي به بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 17 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته غزه جنگ ۾ 7 آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين شهيدن جو مجموعي انگ 5 هزار 805 ٿي ويو جڏهن ته هڪ لک 9 هزار 64 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
ٻئي پاسي قطر ۾ غزه جنگ بندي معاهدي جي ڳالهين ۾ اسرائيلي طرفان ڏنل 34 يرغمالين جي فهرست جي حماس طرفان منظوري ڏني وئي.
حماس جو چوڻ آهي ته معاهدو ٿيو ته پهرئين ۾ 34 قيدين کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار آهن- Advertisement -
