ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر برقرار، هنزه ۾ پارو ڪاٽو 11 ڊگري رڪارڊ، قلات ۾ ڪاٽو 9 رڪارڊ

- Advertisement -
ملڪ ۾ ٿڌ جي لهر برقرار آهي، ڪوهيڙي سبب موٽر ويز کي مختلف هنڌن تان ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو. عالمي موسمياتي ويب سائيٽ موجب هنزه ۾ پارو ڪاٽو 11 ڊگري رڪارڊ ٿي ويو جڏهن ته قلات ۾ ڪاٽو 9 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ان کان علاوه ڪوئيٽا ۾ ڪاٽو 7، ايبٽ آباد ۾ 4، ڪراچي ۾ 9 ۽ لاهور ۾ 11 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو. موسميات کاتي موجب ڪي پي، گلگت بلستان، ڪشمير، مري سميت ملڪ جي ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان  برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. هوڏانهن لاهور سميت پنجاب جي علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجي ويئي. موٽر وي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته لاهور- اسلام آباد موٽر وي ايم 2، ۽ لاهور – ملتان موٽر وي ايم 3 کي هر قسم جي ٽرئفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب، موٽر وي اي ايم 4 تي پنڊي ڀٽيان کان عبدالحڪيم تائين ٽرئفڪ جي داخلا تي بند آهي. ان کان علاوه لاهور- سيالڪوٽ موٽر وي ايم 11 تي به نو انٽري جو بورڊ لڳي ويو……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
33%
2.7m/s
0%
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون