تازه ترين

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو لبنان کي غزه ۾ تبديل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو لبنان کي غزه بڻائڻ جي ڌمڪي ڏيندي لبناني شهرين کي چيو آهي ته هو حزب الله جو ساٿ ڇڏي ڏين ته جيئن غزه جهڙي تباهي کان بچي سگھن.

اسرائيلي وزيراعظم حزب الله سربراهه شهيد حسن نصرالله جي امڪاني جان نشين هاشم صفي الدين کي بيروت حملي ۾ مارڻ جي دعوى ڪئي آهي.

هوڏانهن اسرائيلي فوج لبنان جي اولهه سيڪٽر ۾ زميني آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته بيروت سميت ڏکڻ لبنان هوائي حملا به جاري رکيا.

اسرائيلي فوج بيروت تي حملي ۾ حزب الله جي اهم ڪمانڊر سهيل حسين حسيني کي شهيد ڪرڻ جي دعوى ڪئي.

ٻئي پاسي اسرائيل جي بچاءَ واري وزير امريڪا جو دورو ملتو ڪري ڇڏيو، يواف گلينٽ کي واشنگٽن ۾ پنهنجي امريڪي هم منصب سان ملاقات ڪرڻي هئي.

اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل جو دفاع وارو وزير امريڪي منصب سان ايران تي امڪاني اسرائيلي حملي بابت ڳالهائڻ لاءِ وڃي رهيو هو.

پرڏيهي خابرون ايجنسي موجب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو بچاءَ واري وزير کي آمريڪي صدر سان ڳالهه ٿيڻ تائين وڃڻ کان روڪيو آهي.

هوڏانهن حزب الله صهيوني فوج جي جارحيت جو جواب ڏيندي اسرائيلي شهر حيفا تي هڪ سئو کان وڌيڪ راڪيٽن سان حملا ڪيا، حملي ۾ حيفا جي رهائشي عمارتن، گهرن ۽ گاڏين کي سخت نقصان پهتو.

اسرائيلي فوج حزب الله طرفان فائر ڪيل اڪثر راڪيٽن کي ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي.

غزه مان به اتر اسرائيل تي راڪيٽ فائر ڪيا ويا آهن، ڏکڻ غزه ۾ القسام بريگيڊ جي اسرائيلي فوجين تي بمن سان حملن ۾ ڪيترن ئي فوجين جي مارجڻ ۽ زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.

ٻئي طرف غزه ۾ پناهگيرن جي ڪيمپن تي اسرائيلي فوج جي بمباري جو سلسلو جاري آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي جارحيت ۾ 50 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
47 %
2.4kmh
1 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون