تازه ترين

پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين پي آءِ اي جي خاص اڏام شام مان 71 پاڪستانين کي کڻي ڪراچي پهچي وئي

- Advertisement -
پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين پي آءِ اي جي خاص اڏام شام مان 71 پاڪستانين کي کڻي ڪراچي پهچي وئي. پرڏيهي آفيسر موجب، اڏام ۾ موجود 67 پاڪستاني لبنان مان روڊ ذريعي دمشق پهتا جڏهن ته شام مان 4 وڌيڪ پاڪستاني به خاص اڏام ذريعي پاڪستان پهتا آهن. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري، وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ايئرپورٽ تي ڏيهه آيلن جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري جو چوڻ هو ته حڪومت لبنان ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي حفاظت سان ڏيهه واپسي ممڪن بڻائي، لبنان ۾ ڦاٿل وڌيڪ پاڪستانين کي به جلد واپس آندو ويندو. هن چيو ته سفارتخانن جي بروقت قدمن پاڪستانين جي جلد وطن واپسي ۾ ڪردار ادا ڪيو، شڪر آهي ته 71 پاڪستاني جنگ متاثر لبنان مان حفاظت سان واپس آيا آهن. ڪامران ٽسوري چيو ته مسلمان ملڪن کي متحد ٿيڻ گھرجي ته جيئن لبنان تي مڙهيل جنگ رڪجي وڃي. ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو ته اهو تمام ڏکيو مرحلو هو، پرڏيهي وزارت مڪمل  ذميواري کنئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
47 %
2.4kmh
1 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون