اسرائيل جا هٿين خالي فلسطينين تي ظلم جاري، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ويڪ 127 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
اسرائيل جا هٿين خالي فلسطينين تي ظلم جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ويڪ 127 فلسطيني شهيد ۽ 178 زخمي ٿيا آهن، امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن غزه جنگ بندي جي ڪوششن لاءِ وچ اوڀر جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان هنيئر تائين غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو تعداد 27 هزار 365 ٿي ويو جڏهن ته زخمين جو تعداد 66 هزار 630 تائين پهچي ويو آهي. ٻئي پاسي دير البلاح ۾ اسرائيلي بمباري ۾ ڪيتريون ئي عمارتون مٽي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويون جڏهن ته شهري دفاع جون ٽيمون ماڻهن کي مٽي جي ڍيرن مان ڪڍڻ ۾ مصروف آهن. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته نصيرات ڪيمپ خالي ڪرائڻ لاءِ اسرائيل جا ڊورن حملا به جاري آهي. ٻئي پاسي امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن وچ اوڀر جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي. وائٽ هائوس جو چوڻ آهي ته انٽوني بلنڪن اسرائيل، مصر، قطر، سعودي عرب ۽ اولهه ڪناري جو دورو ڪندو. وائٽ هائوس موجب، غزه ۾ انساني همدردي جي جا مسئلا حل ڪرڻ ترجيح هوندي…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون