- Advertisement -
ڀارت طرفان ڪشمير تي غاصباڻي قبضي کي 76 سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.
سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تقريبون ۽ سيمينار ڪوٺائي ڀارت جي ظلمن کي دنيا آڏو وائکو ڪيو پيو وڃي.
اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزارت کان پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي ۽ ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جي اڳواڻيءَ ۾ ڊي چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي.
ريلي ۾ وفاقي وزيرن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.
ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ سائرن وڄايا ويا.
پاڪستان ۽ ڪشمير کي ملائيندڙ شاهراهه ڪوهاله پل تي هٿن جي زنجير ٺاهي ويندي.- Advertisement -
