اسرائيل جو غزا ۾ پناهگير ڪيمپ تي حملو، 100 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جا غزا تي حملا جاري آهن، يهودي فوج اتر غزا ۾ پناهگيرن جي ڪيمپ تي حملن جي نتيجي ۾ وڌيڪ هڪ سئو کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 350 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. غزا ۾ اسرائيل طرفان وحشياڻن حملن جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته يهودي فوج غزه جي اتر ۾ قائم جباليا ۾ پناهگيرن جي ڪميپ تي هوائي حملا ڪيا آهن. فلسطيني صحت واري وزارت موجب، اسرائيل جي پناهگيرن جي ڪيمپ تي حملي سبب گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ ساڍا ٽي سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. بيان ۾ چيو ويو ته ڌماڪا اسرائيلي فوج جي هوائي حملن سبب ٿيا آهن جڏهن ته اسرائيلي فوج جي حملن سبب هن وقت تائين شهيدن ٿيل فلسطنين جو انگ 9 هزار کان وڌي ويو آهي جن ۾ 36 سئو معصوم ٻار ۽ 18سئو عورتون به شامل آهن. فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته شهيد ٻارن ۾ هڪ سال کان گهٽ عمر جا 130 کان وڌيڪ ٻارڙا پڻ شامل آهن. يونسيف موجب غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ هر ڏهن منٽن ۾ هڪ ٻار شهيد ٿي رهيو آهي، غزا ۾ روزانو 420 ٻار شهيد ۽ زخمي ٿي رهيا آهن. گڏيل قومن موجب غزا ۾ 940 ٻار گم آهن، جن بابت خدشن ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهي اسرائيلي بمباري سبب تباهه ٿيل عمارتن جي ڍيرن هيٺان آهن. غزا تي اسرائيلي بمباري سان گڏيل قومن جا 64 ڪارڪن به مارجي چڪا آهن. اسرائيلي حملن ۾ 124 طبي عملي جا ڪارڪن به شهيد ٿي ويا ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، اسرائيلي جيلن ۾ 12 هزار کان وڌيڪ فلسطيني قيد آهن. اسرائيلي فوج رهائشي عمارتن، اسڪول، اسپتال ۽ مسجدن کي نشانو بڻائي رهي آهي، وچ غزا ۾ اسرائيلي فوج جي بمباري سبب مسجد بلال بن رباح شهيد ٿي وئي، مسجد سان گڏ بي گهر  ۽ بي پناهه  بڻيل گهر کنڊرن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، القدس اسپتال ويندڙ رستن کي به تباهه ڪيو ويو . انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس مسلسل بند هجڻ سبب 23 لک ماڻهن جو دنيا سان رابطو بحال نه ٿي سگهيو. هوڏانهن ڏکڻ اسرائيل تي ڊرون حملي جي ذميواري يمن جي حوثي باغين قبول ڪئي آهي. اسرائيلي فوج جي ترجمان جباليه ڪيمپ تي حملي ۾ حماس جو ڪمانڊر ابراهيم برهائي کي شهيد ڪرڻ جي دعوي ڪندي چيو آهي ته جباليه ڪيمپ تي حملو حماس ڪمانڊر جي موجودگي جي اطلاع ڪيو جنهن ۾ حماس ڪمانڊر شهيد ٿي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
61%
0.6m/s
82%
آچر
29 °
سُومر
32 °
اڱارو
32 °
اربع
30 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون