- Advertisement -
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار آپگهات جي واقعن ۾ ٻن نوجوانن زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.
ٺري ميرواهه ويجهو گهرو پريشانين کان تنگ اچي نوجوان مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ محمد صالح خاصخيلي ۾ نوجوان شاهد حسين خاصخيلي گهرو پريشانين کان تنگ اچي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو.
وارثن جو چوڻ هو ته نوجوان بيروزگاري سبب گهڻو پريشان رهندو ، جنهن ڪري هن انتهائي قدم کنيو.
نوجوان جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.
ڪنري ويجهو ڳوٺ عابد آرائين ۾ نوجوان سارنگ ڪولهي جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو.
اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان جي گهر واري ڪجهه مهينا اڳ فوت ٿي وئي هئي، جنهن جي صدمي ۾ اچي هن آپگهات ڪيو آهي.- Advertisement -
