تازه ترين

اسرائيل سعودي لاڳاپا قائم ڪرائڻ جي ڪوششن سان وچ اوڀر جا مسئلا حل نه ٿيندا : ايراني سپريم ليڊر

ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو آهي ته اسرائيل سعودي لاڳاپا قائم ڪرائڻ جي ڪوششن سان وچ اوڀر جا مسئلا حل نه ٿيندا.

هڪ بيان ۾ ايراني سپريم ليڊر جو چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا مضبوط ڪرڻ سان مسئلا حل ٿيندا، جيڪي ماڻهو ائين سمجهن ٿا اهي غلط آهن.

ٻئي طرف اسرائيلي پرڏيهي وزير ايراني سپريم ليڊر جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته ايراني سپريم ليڊر پاڻ ايران ۾ حڪومت مخالف احتجاج خلاف سخت قدم کنيا، هاڻي ايراني سپريم ليڊر انهن عرب رياستن جي عوام کي ڀڙڪائي رهيو آهي جن پنهنجي حڪومتن خلاف اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪيا آهن.

ياد رهي ته عرب ميڊيا موجب آمريڪي پرڏيهي وزير چيو آهي ته جيڪڏهن سعودي عرب اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪري ٿو ته آمريڪا سعودي عرب کي سيڪيورٽي پيڪيج ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
18 %
3.7kmh
1 %
جمعو
33 °
ڇنڇر
33 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون