امن امان جو جائزو وٺڻ لاءِ هرمهيني اجلاس ٿيندو، سنڌ پوليس کي جلد جديد هٿيار فراهم ڪيا ويندا :صدر آصف علي زرداري

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. آصف علي زرداري امن امان بابت هر مهيني اجلاس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته سنڌ پوليس کي جلد جديد هٿيار فراهم ڪيا ويندا، معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف سان ڳالهائيندو. هن چيو ته سنڌ پوليس کي سمورا وسيلا فراهم ڪيا ويندا، پوليس ۽ رينجرز کان نتيجا گهرجن. وفاقي وزير محسن نقوي صدر کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪشمور ضلعي ۾  امن قائم ڪرڻ لاءِ رينجرز مقرر ڪري ڇڏي آهي، ڌاڙيلن جي خوف کان ٺيڪيدار ڪشمور-ڪنڌڪوٽ پل جو ڪم نه پيو ڪري. صدر آصف علي زرداري چيوته ٺيڪيدار ۽ پورهيتن کي سڪيورٽي فراهم ڪري جلد پل جو ڪم شروع ڪرايو وڃي. هن چيو ته حساس ادارا ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم روڪڻ لاءِ  ۽  ڪچي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پوليس جي مدد ڪن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
broken clouds
18.3 ° C
18.3 °
18.3 °
38%
1.9m/s
66%
جمعو
22 °
ڇنڇر
23 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون