- Advertisement -
اسرائيل پهريون ڀيرو عوامي سطح تي فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي سربراهه اسماعيل هنيه کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.
عرب ميڊيا موجب اسرائيلي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪيٽز چيو آهي ته هو حوثي باغين کي واضح پيغام موڪلڻ چاهي ٿو.
اسرائيل ڪيٽز جو چوڻ آهي ته هنن حماس ۽ حزب الله کي شڪست ڏني آهي ۽ هنن ايران جي دفاعي ۽ پيداواري نظام کي به نقصان پهچايو آهي.
هن چيو ته هنن شام ۾ بشار الاسد جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو، حوثين جي اسٽريٽجڪ انفراسٽرڪچر کي به نقصان پهچندو.
اسرائيلي بچاءَ واري وزير جو چوڻ آهي ته هو حوثي اڳواڻن سان به ائين ڪندا جيئن هنن اسماعيل هنيه، يحيٰ شنوار ۽ حسن نصرالله سان ڪيو.
واضح رهي ته فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي سربراهه اسماعيل هنيه کي 31 جولاءِ تي تهران ۾ ايران جي صدر جي حلف برداري واري تقريب کانپوءِ شهيد ڪيو ويو هو.
2006 ۾، اسماعيل هنيه حماس جي اڳواڻي ۾ فلسطين ۾ هڪ چونڊ فتح ڪئي ۽ بعد ۾ حماس جي سياسي سربراهه جي حيثيت سان سفارتي ڪوششن جي اڳواڻي ڪئي.
11 اپريل 2024ع عيد جي ڏينهن اسرائيلي حملي ۾ اسماعيل هنيه جا 3 پٽ ۽ 4 پوٽا شهيد ٿي ويا.- Advertisement -
