تازه ترين

ملير ۾ ڪسٽم ڪراچي جي ڪارروائي، هڪ لک پرڏيهي شراب جون بوتلون هٿ

- Advertisement -
ملير جي علائقي گڏاپ ۾ ڪسٽم عملدارن جي نگراني ۾ شراب جون هڪ لک بوتلون ضايع ڪري منشيات کي باهه ڏئي ساڙي ويو. چيف ڪليڪٽر ڪسٽم عرفان رحمان، ڊپٽي ڪليڪٽر ڪسٽم معين احمد جي نگراني ۾ 4 ارب ماليت جو سامان ساڙيو ويو، جنهن ۾ پرڏيهي شراب جون هڪ لک بوتلون، گٽڪو، سوپاريون، سگريٽ، ڪپڙو ۽ ٻيون شيون شامل آهن. ڊپٽي ڪليڪٽر ڪسٽم معين احمد جو چوڻ هو ته پنج ميٽرڪ ٽن غيرقانوني هٿ آيل سامان ضايع ڪيو ويو آهي، سندن ڪوشش آهي ته غير قانوني عمل کي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪسٽم سمگلنگ جي خاتمي لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي، سندن ڪوشش آهي ته سال ۾ ٻه ڀيرا پرڏيهي هٿ آيل سامان کي ضايع ڪن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
61 %
3.2kmh
18 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
27 °
آچر
27 °
سُومر
31 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون