آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملائيشيا جي وزيراعظم جي ملاقات

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملائيشين وزيراعظم انور ابراهيم ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻه طرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات دوران ٻه طرفي اسٽريٽجڪ مفادن، علاقائي سلامتي ۽ دفاعي سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر موجب، ملائيشيا جي وزيراعظم پاران دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني فوج جي پيشوراڻي صلاحيتن جي ساراهه ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملائيشين وزيراعظم انور ابراهيم علاقائي امن ۽ استحڪام ۾ پاڪ فوج جي ڪردار جي ساراهه به ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستان ملائيشيا لاڳاپا خاص طور فوجي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملائيشين وزيراعظم پاران آرمي چيف جنرل عاصم منير کي ملائيشيا جي دوري جي دعوت ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل عاصم منير دوري جي دعوت ڏيڻ تي ملائيشين وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
25%
1.2m/s
0%
ڇنڇر
32 °
آچر
29 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °

تازه ترين خبرون