- Advertisement -
اسرائيل گڏيل قومن جي امدادي ايجنسي “انروا” کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
پرڏيهي ميديا رپورٽن موجب، اڱاري ڏينهن اسرائيلي سفير چيو ته انروا اسرائيل ۾ 48 ڪلاڪن اندر پنهنجو ڪم روڪي ڇڏي، اسرائيل انروا بابت سمورا مواصلاتي سهڪار ۽ رابطا ختم ڪري.
اسرائيلي سفير چيو ته هو انروا جي لاءِ ڪم ڪندڙن سان سهڪار ۽ رابطا ختم ڪندا.
پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب، اسرائيلي پارليامينٽ گذريل سال حماس سان تعلق جو الزام لڳائيندي انروا کي غيرقانوني قرار ڏنو هو.
ٻئي پاسي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان، انروا جي خاتمي جي خطرن کان آگاهه ڪري ڇڏيو.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير منير اڪرم چيو ته اسرائيل جا لاڳيتا قدم عالمي برادري جي توهين آهن، انروا کي ڪم کان روڪڻ غزه جي بحالي ۽ سياسي منتقلي جي ڪنهن به امڪان کي ختم ڪري ڇڏيندو.
هن چيو ته انروا لکين فلسطيني مهاجرن جي لاءِ اميد جو ڪرڻو آهي، گڏيل قومن جي ميمبر ملڪ جي حيثيت سان، اسرائيل انروا جي ڪم ۾ ڪرڻ جو پابند آهي، اسرائيل، قابض طاقت جي حيثيت سان، گڏيل قومن جي ڪنهن به سهولت کي بند ڪرڻ جو ڪو به حق نٿو رکي.- Advertisement -
