اسلام آباد جي آءِ نائن ٿاڻي تي ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور اشتهاري قرار

spot_img
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت آءِ نائن ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ بعد ڪيس ٻين جوابدارن کان ڌار ڪيو ويو. فيصلي ۾ چيو ويو ته ٻڌڻي دوران جوابدار واثق قيوم، راجا خرم نواز، فيصل جاويد، راجا راشد حفيظ ۽ عمر تنوير جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا، جڏهن ته سمورن غير حاضر جوابدارن جي وڪيلن حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سمورن غير حاضر جوابدارن جي حاضري کان ڇوٽ بابت درخواست رد ڪئي وئي ۽ سندن ضمانتي ڪاغذ معطل ڪيا ويا. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 28 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9 ° C
9 °
9 °
27%
2m/s
0%
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
15 °

تازه ترين خبرون