- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پاران مڪاني کاتن جا فنڊ ٻيڻا ڪرڻ واري فيصلي جي ناڻي کاتي مخالفت ڪري ڇڏي.
سنڌ جي وڏي وزير پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ذريعي ڪي ايم سي سميت صوبي جي251 مڪاني ادارن کي او زيڊ ٽي شيئر ٻٽو ڪري ڏيڻ جو اعلان ڪري چڪو، ناڻي کاتي جي اعتراضن تي وڏي وزير ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.
سنڌ سرڪار نئين مالي سال 25- 2024 جي بجيٽ ۾ مڪاني ادارن جي آڪٽرائي اينڊ ضلعي ٽيڪس مد ۾ حصو وڌائي رقم جو وچور به جاري ڪيو، جاري مالي سال کان ڪي ايم سي سميت سموري ميونسپل ڪارپوريشنن کي 30 سيڪڙو رقم واڌ جو طعرن ڪيو ويو.
ضلع ڪائونسلن، ميونسپل ڪميٽين ۽ ٽائون ڪميٽين جي فنڊنگ ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪرڻي هئي.
ناڻي کاتي جي ذريعن موجب، حڪومت کي هن مد ۾ ساليانو 13 ارب روپيا واڌو خرچ ڪرڻا پوندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪي ايم سي سميت پنجن ميونسپل ڪارپوريشن، 143 ٽائون، 36 ميونسپل ڪميٽين، 22 ضلعي ڪائونسلن ۽ 45 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنون رقم واڌ نه ٿيڻ سان متاثر ٿينديون.
ناڻي کاتي موجب، سنڌ سرڪار جاري سال مڪاني کاتي جي بجيٽ 120 ارب رپين مان وڌائي 160 ارب رپيا مختص ڪيا، ڪنهن اداري کي واڌو فنڊن جي ضرورت پوندي ته مڪاني کاتي جي بجيٽ مان ڏئي سگهجي ٿي.- Advertisement -
